جيوڻ لال

جيوڻ لال: مشهور ويدانتي شاعر صوفي ڀڳت جيوڻ لال ولد حڪيم ڀائي راڌا ڪرشن، 1866ع ڌاري شڪارپور ۾ جنم ورتو. هيءُ ننڍي هوندي کان تيز فهم ۽ مزاج ۾ سلڇڻو هو. ننڍي هوندي کان سمجھدار هئڻ باعث درسگاهه ۾ سدائين پهريون نمبر ايندو هو. کيس درسگاهه ۾ پڙهندڙ هڪ جيڏن ۾ ناماچاري ملي. سندس والد به علم ۽ صوفي ازم سان انس رکندڙ هو، اهو ئي ڪارڻ هو ته هو تمام ننڍي وهيءَ ۾ ئي سال جو ڳچ حصو ڪنڊڙي شريف جي صوفين جي صحبت ۾ گذاريندو هو، جڏهن ته فقط ٻه مهينا ايشور ڀڳتيءَ جي تعليم ۾ صرف ڪرڻ ويهندو هو. هن روحل فقير جي سلسلي جي بزرگ محمد حسن جي هٿ تي بعيت ڪئي ۽ ان جو مريد ٿيو، جنهن هن کي تصوف جو اڀياس ڪرايو ۽ وحدة الوجود جي رمزن کان آگاهي ڏني. هيءُ ڪيترو ئي عرصو ڪنڊڙي شريف ۾ رهي تصوف جي فڪر جو اڀياس ڪندو رهيو. هن دنياوي تعليم ۾ به پنهنجو پاڻ موکيو. نهايت ئي قابل ٿيو. 1884ع ڌاري پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪيائين ۽ سڄي سنڌ ۾ پهريون نمبر آيو. روينيو کاتي ۾ کيس ملازمت ملي. نوڪريءَ دوران نهايت ايمانداريءَ ۽ فرض شناسيءَ سان پنهنجا فرض بجا آندائين. ڪجهه وقت بعد نوڪري ڇڏي صوفي مت اختيار ڪري ذڪر فڪر ڪرڻ ويٺو. گھڻو وقت راڳ ويراڳ ۾ گذارڻ لڳو. ان وقت تازو سکر ۾ پنڊت ليکراج ’آريا سماج‘ جو بنياد رکيو، بابو ليکراج سکر ريلوي اسٽيشن تي ملازمت ڪندو هو، جنهن جي معرفت سندس صحبت پنڊت ليکراج سان ٿي. ان کانپوءِ هيءُ به ’آريا سماج‘ جي ويدن جي پرچار ڪرڻ لڳو. هن ’آريا سماج‘ جي پليٽ فارم تان بهاولپور، ملتان، مظفر ڳڙهه ۽ ٻين شهرن ۾ وڃي ليڪچر ڏنا. هيءُ بهترين شاعر به هو. پنهنجي ڪلام ۾ ڪنڊڙي شريف جي گادي نشين ۽ پنهنجي مرشدن جو ذڪر تمام سٺي نموني ڪيو اٿس. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
روحل اوتار، ڪنڊڙي آهي پريم منڊلي
شاهه سائين ڀيد بتايو غلام علي گلزار.


لفظ جيوڻ لالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو